قالُ نَہ قِيلُ بابت
معنيٰ
ڳالهہ نہ ٻولهہ. رد نہ ڪد، بحث نہ مباحثو. شڪ نہ شبهو. چون چرا نہ.
No communication, no relation.
بيتن ۽ وائين ۾
- آئُون نَہ گَڏِي پِرِينءَ کي، آيو عِزرائِيلُ، جوراڻي سين جيڏِيُون، نَڪو قالُ نَہ قِيلُ ، آيو مَوتَ دَلِيلُ، مارِيندو مُرادَ…[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- سي ساھيڙِيُون سارِينِ تو، سَچُ جَنِي جو سِيلُ، نَڪو قالُ نَہ قِيلُ ، اُنِين جي اَدَبَ ۾.[ سُر مارئي - سونھن وڃايم سومرا ]